شاهه مسعود ولهاري

شاهه مسعود ولهاري: شاهه مسعود ولهاري، شاهه اسماعيل صوفيءَ جو مريد هو، جنهن ظاهري علمن جو درس مخدوم حاجي محمد قائم (وفات 1157هه/1744ع) کان ورتو هو. هي وڏي فضيلت وارو صاحب هو. ڪن مؤرخن جو خيال آهي ته هيءُ بزرگ به شاهه عنايت شهيد جي خليفن ۾ شامل هو. مير علي شير قانع ٺٽويءَ ‘تحفة الڪرام’ ۽ ‘معيار سالڪان طريقت’ ۾ لکي ٿو ته، شاهه مسعود، صوفي شاهه شهيد جي خاندان جو مريد آهي. ٺٽي ۾ شاهه اسماعيل صوفيءَ کان فيضياب ٿيو.ان جي وفات بعد سندس اشاري تي وڃي شاهه غلام محمد وٽ حاضر ٿيو ۽ جڏهن موٽي ٺٽي آيو ته پنهنجي مرشد جي مرشد (شاهه عنايت شهيد) جي سلسلي جو خليفو ٿي رهيو. 1203هه/ 1788ع تائين هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو